وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جو ڪوڪنگ آئل 45 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گيهه جي قيمت ۾ به 34 روپيه في ڪلو گرام تائين اضافو ڪيو ويو آهي.وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي ٻارن جو خشڪ کير 10 کان 40 روپين تائين مهانگو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شيمپو جي بوتل جي قيمت 4 کان 20 روپيه، ڪپڙن ڌوئڻ جو سرف 6 کان 45 روپيه ۽ وهنجڻ جي صابڻ جي قيمت ۾ 3 کان 7 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي.مختلف برانڊز جي ان شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل هفتي به سبسڊي تحت ملندڙ 3 شيون مهانگيون ڪيون ويون هيون. جيڪي شيون مهانگيون ڪيون ويون هيون ان ۾ گيهه، کنڊ ۽ اٽو شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔