نواز شريف ۽ متحده باني جي ڏيهه واپسي، شيخ رشيد هٿ مٿي ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:گهرو وزير شيخ رشيد برطانيا مان نواز شريف ۽ متحده جي باني کي ڏيهه واپس آڻڻ واري معاملي تي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مان نه نواز شريف کي آڻي سگهان ٿو نه ئي متحده جي باني کي آڻي سگهان ٿو. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ پنهنجي اصليت تي اچي ويون آهن، ٻنهي پارٽين جي گهرن ۾ مزاحمت ۽ مفاهمت واري ويڙهه وڙهي پئي وڃي، شهباز شريف کي آخرڪار مفاهمت ڏانهن ئي اچڻو آهي، اهي ماڻهو رڳو ڪيمرائن لاءِ سياست ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔