ڀارت عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد:سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ ڀارت جي انتهاپسند مودي سرڪار پاڪستان ايندڙ سمورن پرڏيهي صحافين کي روڪي ڇڏيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت پنج عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عالمي صحافين جو آزاد ڪشمير اسيمبلي جو دورو طئي ٿيل هو، ڀارت جو انڪار ڪرڻ آمراڻي حڪومت جو اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي کي محدود ڪرڻ جو اشارو آهي. ٻئي پاسي وفاقي وزير فواد چوڌري ان حوالي سان چيو ته غيرملڪي صحافين جو واهگا کان پاڪستان اچڻ تي پابندي وارو ڀارت جو فيصلو مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان مودي حڪومت جي دعوائن جي نفي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔