ڪراچي: عامر لياقت خلاف ٽرئفڪ اهلڪارن سان منهن ماري ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل

ڪراچي: ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت خلاف ٽرئفڪ اهلڪارن سان منهن ماري ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل، فيروز آباد ٿاڻي تي ٽرئفڪ پوليس جي اي ايس آءِ شاهد ميران جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اي ايس آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته اڱاري ڏينهن هو ڊيوٽي ڪري رهيا هئا ته هڪ گاڏي اچي بيهي رهي،گاڏي مان 3 ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ اهلڪارن تي رڙيون شروع ڪيون، جوابدارن ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت به شامل هو، عامر لياقت جي ٽرئفڪ اهلڪارن سان منهن ماري ۽ جهيڙي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔