ملڪ ۾ جولاءِ مهيني دوران مهانگائي ۾ واڌ حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد : ملڪ ۾ جولاءِ مهيني دوران مهانگائي ۾ واڌ حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، جون مهيني جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ مهانگائي 1.34 سيڪڙو وڌي وئي، شماريات کاتي طرفان جولاءِ مهيني ۾ مهانگائي جا انگ اکر جاري، شهري علائقن ۾ هڪ مهيني دوران ٽماٽا 42 ۽ بصر 35 سيڪڙو مهانگا، گيهه 6 ڏهائي 70 ۽ کاڄرو تيل 6.56 سيڪڙو مهانگا ٿي ويا، کنڊ جي اگهن ۾ هڪ مهيني اندر 5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ، پٽاٽا ۽ چڻن جي دال به مهانگي ٿي وئي، شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڀاڄيون 5.16 سيڪڙو مهانگيون ٿيون، ٽماٽن جي اگهن ۾ 101 سيڪڙو واڌ رڪارڊ، ڪڪڙ 12.95، مڱن جي دال 10 ۽ دال ماش 2 سيڪڙو سستيون ٿي ويون…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔