موبائل فون ٿرماميٽر بڻجندو، ڪورونا کان بچائڻ جو ڪم به فون حوالي!

ڪراچي : عالمي وبا ڪورونا خلاف ويڪسينز جي تياري سان گڏوگڏ ماهر جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اهڙا اوزار به تيار ڪري رهيا آهن جيڪي ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ اثرائتا هٿيار ثابت ٿي سگهن ٿا. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماهرن ٽيڪنالاجي جي مدد سان فيس ماسڪ تيار ڪيا ته ڪٿي نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي پر هاڻ ماهرن هڪ اهڙو اوزار تيار ڪيو آهي جيڪو اسمارٽ فون جي مدد سان ڪم ڪندو. ڏکڻ ڪوريا جي ماهرن اسمارٽ فون سان ٿرماميٽر ۾ تبديل ٿيندڙ اوزار تيار ڪيو آهي. اهو اوزار اثرائتو ۽ سستو آهي جيڪو اميجنگ سينسر ڊوائس آهي جيڪو اسمارٽ فون ۾ لڳايو ويندو. ماهرن موجب اها ڊوائس وينيڊيم ڊاءِ آڪسائيڊ مان تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ڳاڙهن شعاعن کي جذب ڪندي اليڪٽرڪ سگنل ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ ائين انسان جي جسم جو گرمي پد موبائل تي انگن جي مدد سان چيڪ ڪري سگهجي ٿو. ڊوائس کي اسمارٽ فون جي ڪيمرا سان ڳنڍي فون ۾ ٿرماميٽر به شامل ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته عالمي وبا ڪورونا جي ابتدا کان تعليمي ادارن ۽ واپاري مرڪزن ۾ ٽيپريچر چيڪ ڪرڻ لاءِ ٿرماميٽر/ڏسو صفحو 8 بقايا 01

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔