پي آءِ اي پاران عاشوري تي عراق لاءِ خاص اڏامن جو اعلان

ڪراچي: پي آءِ اي پاران عاشوري لاءِ اسلام آباد ، لاهور ۽ ڪراچي کان نجف تائين سڌيون اڏامون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. 11 آگسٽ کان ، 11 اڏامون زائرين کي کڻي نجف اشرف پهچنديون. زائرين جي واپسيءَ جو آپريشن 21 آگسٽ کان ڪيو ويندو. ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور کان پرڪشش ڀاڙا متعارف ڪرايا ويا آھن. پي آءِ اي جي سي او ارشد ملڪ جو چوڻ هو ته سمورن مذهبي موقعن تي خصوصي اڏامن جي پراڻي روايت رهي آهي، حڪومت ۽ ايوي ايشن واري وزير جي خاص هدايتن تي ، ھي اڏامون اھڙيءَ طرح ترتيب ڏنيون پيون وڃن جو مسافرن کي ڪا ڏکيائي نه ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔