عدالتي پابندي باوجود حيدرآباد پوليس پاران 2 نينگر هٿڪڙيون هڻي پيش

حيدرآباد: عدالت پاران پابندي باوجود پوليس مبينا طور شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٻن نينگرن کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ پيش ڪندڙ پوليس جو چوڻ آهي هت نينگرن جي گرفتاري بابت تفصيل فراهم نه ڪيا ويندا، باقي اسان جو تعلق قاسم آباد ٿاڻي سان آهي، ننڍي عمر جي نينگرن کي عدالت پاران هٿڪڙيون هڻڻ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي پر تنهن باوجود پوليس عملو ٻنهي نينگرن کي پهرين سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 جي عدالت کڻي پهتو ۽ بعد ۾ کين رمانڊ لاءِِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت نيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔