دوستي رکڻ لاءِ رستا روڪ، پوليس اهلڪار خلاف عورت عدالت پهچي وئي

دادو: سيتا ۾ پوليس جمعدار پاران مسمات بشيران کوسو جي رستا روڪ ڪري ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ حراسان ڪرڻ تي مسمات بشيران عدالت پهچي وئي، ٻارن کي اسڪول ڇڏي واپس گهر پئي آيس ته جمعدار بدرالدين اڳ جهلي دوستي لاءِ زور ڀريو، انڪار تي جمعدار پنهنجي ساٿي جمعدار جمن ۽ سپاهي ممتاز کي در تي موڪليو، جن زور ڀريو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، مسمات بشيران زال مٺل کوسو جي درخواست تي سيشن جج دادو جي عدالت پوليس جمعدار کي 9 آگسٽ تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔