ڪراچي ۾ گھر گھر وڃي شھرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ گھر گھر وڃي شھرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي، موبائيل ويڪسي نيشن وين جو افتتاح ڪندي ترجمان سنڌ سرڪار مرتضيٰ وھاب جو چوڻ آھي تھ سڀاڻي کان ڪراچي جي ھڪ ضلعي ۾ موبائيل ويڪسي نيشن شروع ڪنداسين، ڪوشش آھي تھ سمورن ضلعن ۾ موبائيل ويڪسينين شروع ڪيون، مرتضيٰ وھاب اھو بھ چيو تھ موبائيل ويڪسينيشن سبب شھرين کي وڌيڪ آساني ٿيندي، ھن چيو تھ ڪراچي جي شھرين جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪورونا ويڪسين لڳائيندڙ ماڻھن جي انگ ۾ واڌ ٿي آھي، پھرين آگسٽ تي سنڌ ۾ 2 لک 11 ھزار ماڻھن ويڪسينيشن ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔