فيصل آباد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ماڻهو فوت، 5 زخمي

فيصل آباد:فيصل آباد ۾ برسات جي ڪري ٽي ماڙ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻه عورتون ۽ ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽن ٻارڙن سوڌو 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته سرگوڌا روڊ تي چڪ 7 ج ب ۾ گهر جي ٽئين ماڙ جي تعمير جاري هئي ۽ اتي فيملي به رهائش پزِير هئ، ذريعن جو چوڻ آهي ته برساتن دوران ڪمرن جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 سالن جي شمائله، هن جو ٽن ورهين جو پٽ ضمير، 4 سالن جي عائشه ۽ ان جي 7 ورهين جي ڌيءُ امه حبيبه فوت ٿي ويا، حادثي ۾ ٽن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي به ٿيا، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مبلو هٽائي زخمين کي ۽ لاشن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔