اسلام آباد: اسلام آباد جِي عدالت، نور مقدم ڪيس جَي مک جوابدار ظاهر جعفر کي 14 ڏينهن جَي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، پوليس جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪئي وئي آھي، عدالت جوابدار کان سوال ڪيو ته ڪجهه چوڻ چاهيندو؟، ظاهر جعفر جواب ڏنو ته سندس وڪيل ڳالهائيندو، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته جوابدار کان جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته پوليس وارا ته بادشاهه آهن، ضمني چالان به پيش ڪندا رهندا آهن.