ڪراچي مان تحريڪ انصاف جا ٻه صوبائي اسيمبلي ميمبر پ پ ۾ شموليت لاءِ تيار آهن: سعيد غني

ڪراچي: پ پ اڳواڻ ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي مان تحريڪ انصاف جا 2 صوبائي اسيمبلي ميمبر پ پ سان رابطي ۾ آهن ۽ هو پ پ ۾ شموليت لاءِ تيار آهن.هن چيو ته هڪ لک عمران خان به اچي وڃن تڏهن به سنڌ فتح نٿا ڪري سگهن. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ٻه ايم پي اي پيپلز پارٽي سان رابطي ۾ آهن.تحريڪ انصاف جا ٻه اسيمبلي ميمبر اپوزيشن کي ڇڏي چڪا آهن. سعيد غني اهو به چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) جا ميمبر به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔