شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ سورنهن آگسٽ تائين واڌ

لاهور: سيشن ڪورٽ لاهور شوگرمل ڪيس ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.ڪيس جي ٻڌڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت ۾ پيش نه ٿيا. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي اڌ ڪلاڪ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جوابدار پيش نه ٿيا ته ضمانت واري درخواست رد ڪئي ويندي. جنهن کان پوءِ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالتي مهلت تي اڌ ڪلاڪ دوران عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالتي ڪارروائي شروع ٿيندي ئي شهباز شريف جي وڪيل قومي اسيمبلي جي سيشن سبب شهباز شريف جي پيشي جي تاريخ 14 آگسٽ کان پوءِ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. ان تي لاهور سيشن ڪورٽ جي جج حامد حسين شهباز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪيستائين هلندو آهي؟ ان تي وڪيل جواب ڏنو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تائين جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔