نيب اٽو، کنڊ ۽ دوائون چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نٿو ڪري: رانا ثناءُالله

لاهور:اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته نيب اٽو، کنڊ ۽ دوائن جي چورن خلاف ڪارروائي ڇو نٿو ڪري، عوام ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي سبب بيچيني پکڙجي رهي آهي.

منشيات جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُالله جي خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. رانا ثناءُالله سميت 3 جوابدارن عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي پر شريڪ جوابدار اڪرم جي غير حاضري سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. عدالت رانا ثناءُالله کي فرد جرم جي لاءِ 11 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي رانا ثناءُالله سيالڪوٽ چونڊن تي اعتراض اٿاريندي چيو ته ضمني چونڊن ۾ پريزائيڊنگ آفيسرن کي خريد ڪيو ويو.

تحريڪ انصاف اميدوار جي حامين کي پريزائيڊنگ آفيسر لڳايو ويو. هن ڀيري ڌانڌلي جو طريقيڪار تبديل ڪيو ويو. پهريون دفعو ٿيو ته جنرل اليڪشن کان وڌيڪ ووٽ ضمني اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. ڪشمير اليڪشن ۾ به اهڙي طرح ڪيو ويو. رانا ثناءُالله شهباز شريف جي قيادت ڇڏڻ جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته اهڙين ڳالهين ۾ ڪابه سچائي نه آهي. شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي. مون جيان شهباز شريف جو اڳواڻ به نوازشريف ئي آهي. شهباز شريف پارٽي سان گڏ آهي ۽ رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔