ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگاري نوناري جي گمشدگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سينگار نوناري جي گهر واري فوزيه پنهنجي وڪيلن سان گڏ پيش ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت سينگار نوناري جي گمشدگي بابت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، عدالت ڊي ايس پي نصيرآباد کي اڳڀرائي جي رپورٽ سميت ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو، عدالت گھرو کاتي ۽ ٻين ڌرين کان پڻ 12 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
رينجرز پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاھي ڏني ته اسان جاچ ڪئي آھي، سينگار نوناري رينجرز وٽ ناھي، جنھن بعد عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين تائين ملتوي ڪندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، واضح رهي ته سينگاري نوناري جي گمشدگي بابت سندس وني فوزيه پاران درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته سينگار نوناري کي ڪيترائي ڏينھن گذري ويا پر ھن وقت تائين ان جو ڪو پتو ناھي پيو، سينگار نوناري جي بازيابي جو حڪم ڏنو وڃي.
- T