شهرن کي بند ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون واري فيصلي جي مخالفت ڪريون ٿا: اسد عمر

اسلام آباد: اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته شهرن کي بند ڪرڻ مسئلي جوحل نه آهي. مڪمل لاڪ ڊائون کان پوءِ ڪورونا وبا تيزي سان پکڙجي ٿي.

رپورٽ موجب اين سي او سي سربراهه اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن   ۾ ڪورونا ڪيسز  جي شرح ۾ اضافو  ٿيو آهي. سموري ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 7.5 سيڪڙو آهي. ڳڻتي جوڳي مريضن جو انگ 3 هزارکان مٿي ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪراچي سميت ٻين وڏن شهرن ۾ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. خاص طور تي ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز ۾  تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ 5 سيڪڙو  بيڊز تي ڪورونا مريض موجود آهن. سربراهه اين سي اوسي اسد عمر چيو ته ڪيترائي ماڻهو اڃان به ڪورونا کي سنجيده نه پيا سمجهن.

سنڌ حڪومت ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ  لاءِ قدمن کي ڏسي رهي آهي پر شهرن کي هفتن جا  هتا بند ڪرڻ يا مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي.مڪمل لاڪ ڊائون کان پوءِ ڪورونا وبا تمام گهڻو تيزي سان پکڙجندي آهي. اسد عمر چيو ته ڪورونا کان بچڻ جوواحد حل صرف احتياط آهي. ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ئي ڪورونا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايس او پيز تي عمل سڀني کان گهٽ نظراچي رهيو آهي. ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت سان هرممڪن مدد ۽ تعاون ڪنداسين جيڪڏهن هو ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ فورسز  جي مدد چاهين ٿا ته اسان فوج سميت سموري فورسز ڏيڻ جي لاءِ تيارآهيون. اسد عمر چيو ته شهر بند ڪرڻ  هن وبا جو علاج نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔