ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي، هڪ ڏينهن دوران 76 مريض فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ تيزي اچي وئي آهي. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا 76 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جو انگ 7.5 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 59 هزار 707 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 4497 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 1.020.324 ٿي وئي آهي جن مان 937.354 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 76 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 23 هزار 209 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 7.53 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔