وزيراعظم ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام سان لائيو ڳالھائيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام سان ٽيليفون ذريعي لائيو ڳالھائيندو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان پنھنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آھي تھ وزيراعظم عمران خان پھرين آگسٽ تي آچر ڏينھن عوام سان ٽيليفون ذريعي لائيو ڳالھ ٻولھ ڪندو، وزيراعظم ۽ عوام جي ڳالھ ٻولھ ٽيليويزن، ريڊيو ۽ ڊيجيٽل ميڊيا تي لائيو نشر ڪئي ويندي. وزيراعظم سان ڳالھ ٻولھ لاءِ رابطي جو نمبر 051-9224900 جاري ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ مٿي ڏنل نمبر تي وزيراعظم سان ڳالھائي سگھجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔