پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ واري اعلان بعد گهوٽڪي جي سياست ۾ هلچل

گهوٽڪي: آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺھڻ بعد پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ واري اعلان بعد پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء گهوٽڪي ضلعي جي سياست ۾ هلچل مچي وئي، جي ڊي اي جو ايم پي اي علي گوهر خان مهر,صوبائي وزير عبدالباري پتافي جو ڀاء حالار خان پتافي ۽ نادر اڪمل لغاري به وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ اسلام آباد پهچي ويا، ,ذريعن موجب پي پي ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ جو ڀائيٽو مير وقار احمد خان لنڊ سياست ۾ اچڻ لاء سرگرم ٿيندي ئي پي ٽي آء گهوٽڪي ضلعي صدر مير افتخار لنڊ سان رهائشگاه تي ملاقات ڪئي، ي ٽي آء ضلعي صدر مير افتخار احمد لنڊ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هاڻ پيپلزپارٽي جي آخري حڪومت آهي سنڌ جو عوام هن ڪوڙي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام پيپلز پارٽي جي حڪومت کي رد ڪري ڇڏيندي، جڏهن ته پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء هڪ ٻئي سياسي اتحاد جون تياريون به شروع ٿي ويون آهن ۽ پيپلزپارٽي جي ميمبرن کي ٽوڙڻ لاء صلاح مشهورا به ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔