ناديه حسين جي مولانا طارق جميل کي لائيو سيشن جي دعوت

ڪراچي: ادڪاره ۽ ماڊل ناديه حسين معروف عالم دين مولانا طارق جميل کي لائيو سيشن ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي، انسٽا گرام تي ناديه حسين مولانا طارق جميل کي موڪليل پيغام جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا، جنهن ۾ هن سڀ کان پهريان ان جي ڪراچي ۾ آئوٽ ليٽ جي افتتاح ۾ نه اچڻ تي معذرت ڪئي آهي، پنهنجي پيغام هن چيو آهي ته هڪ وڊيو ڏٺي آهي جنهن توهان حورن جي حوالي سان بيان ڏئي رهيا آهيو، مون کي هن بابت توهان سان انسٽا گرام لائيو سيشن ۾ ڳاله ڪرڻ آهي، ناديه لکيو آهي ته منهنجي اوقات ناهي ته مان توهان سان بحث ڪيان، ڪجهه سوالن جي جوابن جا وضاحت چاهيان ٿي، ناديه مداحن کان مولانا طارق جميل سان ڳالهائڻ جي حوالي سان مدد به طلب ڪئي آهي، پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته براءِ مهرباني مولانا طارق جميل سان منهنجي پوسٽ ڪيل وڊيو بابت لائيو سيشن ڳالهائڻ ۾ منهنجي مدد ڪيو، هن جو چوڻ آهي ته منهنجو ارادو تڪرار پيدا ڪرڻ نه هو، صرف جنت ۾ ملندڙ حورن جي حوالي سان وضاحت چاهيان ٿي، ان ڪري هن پوسٽ کي شيئر ڪيو ته جيئن مولانا طارق جميل مون کي پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه منٽ ڏئي سگهي، اداڪاره جي پوسٽ تي مولانا طارق جميل جي طرفان هن وقت تائين ڪنهن به قسم جو رد عمل جو اظهار ناهي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔