پاڪستان خلاف پهرين سيريز: افغان جو سڀ کان مضبوط رانديگر ڊراپ

ڪراچي: اڳوڻو ڪپتان اصغر افغان سيپٽمبر ۾ شيڊيول سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن موجب حشمت الله شاهدي ٽيم جي قيادت ڪندو. افغان ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال سيٽپمبر ۾ پاڪستان خلاف 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي، اسڪواڊ ۾ افغانستان جو اڳوڻو ڪپتان اصغر افغان کي شامل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته باقي رانديگرن ۾ اڪرام علي خيل، شاهد ڪمال، محمد نبي، ڪريم جنت، عظمت عر زئي، راشد خان ۽ عبدالرحمان به ٽيم جو حصو آهن، جڏهن ته نوين الحق، مجيب الرحمان، فضل الحق فاروقي ۽ نور احمد کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيريز لاءِ چار ريزرو رانديگرن جي نالن جو به اعلان ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي ون ڊي انٽرنيشنل سپر ليگ جون ميچز سيپٽمبر ۾ ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔