سنڌ جي 18هين گريڊ جي 80 ڊاڪٽرن کي ترقيون

ڪراچي: سنڌ حڪومت 18گريڊ جي 80 ميڊيڪل آفيسرن کي 19هين گريڊ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عطا حسين، عبدالقادر، افضل احمد، منير سيهڙ، علي محمد جوڻيجو، پير محمد نياز، عبدالرئوف، عبدالخالق، آفتاب احمد، خير محمد شاھ، سريش ڪمار، خادم حسين، محمد اسماعيل سميت 80 ڊاڪٽرن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔