زراعت کاتي ۾ 18 گريڊ جي 19 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي 19ھين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي`

ڪراچي: زراعت کاتي ۾ 18 گريڊ جي 19 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي 19ھين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ليمون ڪمار، عامر گوھر، انور پٺاڻ، ارباب کوکر، ذولفقار جاگيراڻي، شنڪر لال، عثمان جاگيراڻي، ريحان احمد، اللہ وسايو ڪليري، شير حسين چانڊيو، مصطفي ندراج، احمد ڏيپر، حسين اڄڻ، رئوف مگسي، عليم الله راجپوت، آغا طفيل، بشير ڪلھوڙو، قيوم راجپوت ۽ ممتاز اعواڻ کي 19 ھين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔