آمريڪا جا افغانستان ۾ طالبان جي ٿاڪن تي هوائي حملا

ڪابل: آمريڪي جنگ جهازن افغانستان ۾ طالبانجي ٿاڪن تي هوائي حملا ڪيا آهن.
افغان ميڊيا موجب آمريڪي جنگ جهازن افغانستان ۾ مختلف ماڳن تي طالبان جي ٿاڪن تي هوائي ڪارروائي ڪئي پر حملي ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع آڏو نه اچي سگهيا جڏهن ته آمريڪا به هوائي حملي بابت تفصيل جاري ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.
آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جي ترجمان جاب ڪربي هوائي حملي بابت ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ افغان سڪيورٽي فورسز جي مدد لاءِ طالبان جي ٿاڪن تي هوائي حملا ڪيا ويا، ان حوالي سان ويڪ ڄاڻ فراهم نٿا ڪري سگهجي پر آمريڪا اهڙيون ڪارروائيون جاري رکندو.
ٻئي پاسي افغانستان جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن افغان فورسز جي هوائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 17 طالبان ماريا ويا جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ ڪيل ڪارروائي ۾ 10 طالبان مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔