فحش فلمن وارو ڪيس: شلپا شيٽي به جاچ ادارن جي ريڊار تي

ممبئي: مڙس راج ڪندرا جي گرفتاري کانپوءِ اداڪارا شلپا شيٽي به فحش فلمن جي حوالي سان ڪيس ۾ ريڊار تي اچي وئي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب شلپا شيٽي کان به ان ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي ممبئي پوليس جي ڪرائيم برانچ گرفتار ڪيو هو.
راج ڪندرا تي الزام آهي ته هو فحش فلمون پروڊيوس ڪندو ۽ انهن کي انٽرنيٽ تي وڪرو به ڪندو آهي.
راجسٿان رائل جي شريڪ مالڪ خلاف جتي هڪ پاسي جاچ هلندڙ آهي ته وري سندس گهرواري شلپا شيٽي به جاچ ادارن جي ريڊار تي اچي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب شلپا شيٽي ان معاملي تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي راضپو ڏيکاريو هو ۽ هاڻ ان خلاف ڪرائيم برانچ طرفان پڇا ڳاڇا جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ڪرائيم برانچ اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته شلپا شيٽي اڳ ئي ان معاملي کان باخبر هئي يا نه، جنهن جو سندس مڙس تي الزام لڳو آهي.
ان کانسواءِ شلپاشيٽي کان سندس ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽس بابت به ڄاڻ ورتي وئي جنهن جو مقصد وٽس ملڪيت ۽ پئسو ڪٿان آيو، ڪٿي ائين ته ناهي ته شلپا شيٽي به ان سڄي معاملي ۾ ملوث آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔