پاڪستان جي فيشن ماڊل لاريب مدھوال ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

لاھور سان تعلق رکندڙ 27 ورھين جي فيشن ماڊل لاريب مڌھوال عرف لارا مڌھوال ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آھي، ميڊيا رپورٽس موجب ماڊل لارا جي ويجھي دوست پاران ان جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو، شيئر ڪيل پوسٽ موجب ماڊل لاريب بالاڪوٽ ۾ پيش ايندڙ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي آھي، پوسٽ ۾ لارا جي مغفرت جي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي وئي آھي، ٻئي پاسي لارا جي موت تي سوشل ميڊيا صارفين بھ حيرت ۾ مبتلا ٿيڻ سان گڏ افسوس جو اظھار ڪري رھيا آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔