همراهه جي ٽين شادي دوران ٻي گهرواري پهچي وئي، شادي هال جنگ جو ميدان

گوجرانوالا : همراهه طرفان ٽين شادي دوران ٻي گهرواري پهچي کيس ڪُٽڪو ڏئي ڇڏيو.
گوجرانوالا جي علائقي ڪنگني والا ۾ هڪ شخص جي ٽين شادي جي تقريب جاري هئي ته ان دوران ٻي گهرواري ڀاتين سان گڏ تقريب ۾ پهچي وئي، جنهن سبب تقريب جو لطف خراب ٿي ويو.
تقريب ۾ ٻي گهرواري ۽ گهر ڀاتين جي پهچڻ کانپوءِ ٻئي خاندان پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا، جهيڙي ۾ عورتون به شامل ٿيون ۽ هڪٻئي کي لتون ۽ ٺونشا هنيا ويا.
پوليس موجب گرجاک واري عدنان پهرين زال کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪئي هئي، نڪاح کان اڳ ئي راز فاش ٿيڻ تي ڇوڪريءَ وارن به شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔