ٽي 20 رينڪنگ ۾ رضوان جي ترقي، ٽاپ 10 بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو

دبئي: قومي ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ ترقي کڻندي ٽاپ ٽين بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو.
آءِ سي سي ٽي 20 جي تازي رينڪنگ موجب پاڪستان جو محمد رضوان ترقي حاصل ڪندي ستين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ٻي پوزيشن برقرار آهي.
انگلينڊ جو ڊيوڊ ملان ٽي 20 بيٽسمينن جي فهرست ۾ بدستور پهرين ۽ آسٽريليا جو ايرون فن ٽئين نمبر تي موجود آهي.
ٽي 20 بالرن جي رينڪنگ ۾ شروعاتي 10 رانديگرن ۾ هڪ به پاڪستاني بالر شامل ناهي.
بالنگ جي شعبي ۾ پهريون نمبر نيوزي لينڊ جي ٽرينٽ بولٽ جو آهي جڏهن ته ٻئين نمبر تي افغانستان جو مجيب الرحمان ۽ انگيلنڊ جو ڪرس ووڪس ٽئين نمبر تي آهي.
بالنگ ۾ قومي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي 4 درجا ترقي حاصل ڪري 13هين نمبر تي پهچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔