چنڊ جي ڪري ڌرتي تي ٻوڏون اينديون: ماهرن جي حيرت جوڳي تحقيق

چنڊ مختلف طريقن سان پنهنجو چڪر پورو ڪندو آهي هاڻي ناسا جي ماهرن ٻڌايو آهي ته 2030 ۽ ان کانپوءِ ڪجهه سالن تائين چنڊ جي ووبلنگ (لڏڻ) سان خاص طور تي آمريڪي ساحلي علائقن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيندي ۽ ان سان شهري ٻوڏ به اچي سگهي ٿي.
هڪ هفتيوار مشهور سائنسي رسالي ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خاص طور تي آمريڪي ساحلي علائقن الاسڪا وغيره ۾ 2030 کان ”وڏين لهرن ۾ ڊرامائي واڌ“ ٿيندي، جيڪا واڌ 2035 تائين شدت اختيار ڪري ويندي، اهڙي تحقيق هوائي يونيورسٽي ۾ موجود ناسا جي انهن ماهرن ڪئي آهي جيڪي وڏي عرصي کان سمنڊ ۾ ڊگهين لهرن جي حوالي سان مطالعو ڪري رهيا آهن.
ناسا جو چوڻ آهي ته وڏين لهرن جا خطرا سامونڊي طوفانن ۽ مينهن کان گهٽ هوندا آهن پر سامونڊي ماهر پروفيسر فل ٿامپسن جو خيال آهي ته ٻين عملن سان ملي ڪري اهي به وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندا. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪي ساحلي علائقن ۾ 2030 واري ڏهاڪي ۾ هر مهيني 10 کان 15 ڀيرا پاڻي اٿلي شهرن ڏانهن ايندو ته زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چنڊ جي ڊگمگاهٽ جو وقت 18.6 سال هوندو آهي، سڀ کان پهريون ڀيرو اهو 1728 ۾ نوٽ ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔