آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي گروپ ۾ شامل

دبئي: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي گروپ ۾ شامل آهن.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپس جو اعلان ڪيو ويو. روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ئي گروپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو.
آءِ سي سي جي ترجمان موجب سپر 12 ٽيمن جي گروپ ٽو ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏ نيوزي لينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون به شريڪ آهن.
سپر 12 جي گروپ ون ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، سائوٿ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون.
گروپ ون ۽ ٽو ۾ وڌيڪ ٻه ڪواليفائيڊ ٽيمون به هونديون. ان سان گڏ رائونڊ ون جي گروپ اي ۾ سري لنڪا، آئر لينڊ، نيدر لينڊ ۽ نميبيا کيڏندا. رائونڊ ون جي گروپ بي ۾ بنگلاديش، اسڪاٽ لينڊ، پوپائي، نيو گني ۽ عمان جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔