ڀارت ۾ موجود پاڪستاني گونگي ٻوڙي ٻار جي وارثن جي ڳولا

ڪراچي: ڀارت ۾ موجود اهڙي پاڪستاني ٻار جي وارثن جي ڳولا آهي جيڪو نه ٻڌي ۽ نه ئي ڳالهائي سگهي ٿو. ايڌي فائونڊيشن موجب اهو نينگر 9 سال پهرين غلطي سان سرحد پار ڪري ڀارت هليو ويو، هن وقت اهو ٻار گونگن ٻوڙن ٻارن جي اسڪول ۾ موجود آهي. نينگر اشارن سان سمجهايو ته سندس ٽي ڀينر ۽ ٽي ڀائر آهن، والد منڊڪائي هلندو آهي، هن اهو به سمجهايو ته هو ڪنهن پهاڙي علائقي جو رهواسي آهي، جتي اخروٽ به هوندا آهن.فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته ٻار جي وارثن جي ڳولا ۾ ايڌي فائونڊيشن جي مدد ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔