ڪورونا ۽ برسات: صحت کاتي سنڌ جي عملي جون عيد واريون موڪلون رد

حيدرآباد: ڪورونا ۽ برسات سبب پئدا ٿيندڙ صورتحال بعد صحت کاتي جي عملي جون عيد واريون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، آفيسرن ۽ عملي کي پنهنجن پنهنجن هيڊ ڪوارٽرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڪو به آفيسر ۽ ملازم ڊي جي صحت جي اجازت کانسواء هيڊ ڪوارٽر ڇڏي نه سگهندو، ڊي جي صحت جو چوڻ آهي ته ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن انڪري ڪورونا سان سلهاڙيل ڊاڪٽر ۽ عملو ڊيوٽين تي حاضر رهي، برساتن سبب مليريا، ڊينگي ۽ ڊائريا ڦھلجڻ جو خدشوآھي، نگليريا، ڪانگو ۽ ٻيا وبائي مرض به ڦھلجي سگهن ٿا، استالن ۾ ڊاڪٽر، فني عملو، دوائون ۽ ٻيون سهولتون موجود هجڻ گهرجن، ايمبولينسون به روڊ تي هجڻ گهرجن، هر صورتحال جي حوالي سان ڊي جي آفيس سان رابطي ۾ رهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔