نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي هڪ ڀيرو ٻيهر طلبي نوٽيس اُماڻي ڇڏيو

راولپنڊي: نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي هڪ ڀيرو ٻيهر طلبي نوٽيس اُماڻي ڇڏيو، آصف زرداري کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ غيرقانوني طور اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ٻيهر طلب ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ناري نوٽيس ۾ نيب راولپنڊي چيو آهي ته آصف زرداري جي درخواست تي کيس 23 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، اڳوڻي صدر کي 16 جولاءِ تائين نيويارڪ ۾ فليٽ جو رڪارڊ ۽ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت، نيب راولپنڊي طرفان اڳوڻي صدر جي ڪراچي ۽ اسلام آباد وارن گهرن تي نوٽيس اُماڻيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔