ڪئميرا سامهون اڄ به گهٻرائيندي آهيان: آمنا الياس

ڪراچي : من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس چيو آهي مان ڪيريئر جي منڍ ۾ ڪڏهن نه سوچيو هو ته اداڪاري به ڪري سگهان ٿي ۽ هاڻ به ڪئميرا سامهون گهٻراهٽ ٿيندي آهي.
آمنا الياس ڪيريئر جي شروعات ماڊلنگ سان ڪئي هئي ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن ننڍي اسڪرين کان اڳ ئي وڏي اسڪرين تي اداڪاري ڪئي ۽ 2013 ۾ فلم ”زنده ڀاگ“ ۾ نظر آئي، پوءِ هوءَ مختلف ڊرامن ۽ فلمن ۾ به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.
تازو خابرو اداري سان ڳالهائيندي آمنا الياس چيو ته مان ڪڏهن نه سوچيو هو اداڪارا بڻجنديس، مان ٽي وي ڪمرشل ۽ فيشن ويڊيوز ڪندي هيس، فلم ۾ ڪم جي آڇ کانپوءِ محسوس ٿيو ته اداڪاري به ڪري سگهان ٿي، پوءِ مان قسمت آزمائي پر ڊائلاگ چوڻ تي وڏي محنت ڪرڻي پئي.
هن چيو ڪنهن به فلم جو اسڪرپٽ ملندو آهي ته گهڙي گهڙي پڙهندي آهيان، شروعات ۾ ڏاڍي نروس هوندي هيس ۽ وات مان ڊائلاگ نه نڪرندا هئا پر آهستي آهستي اعتماد بحال ٿيو، ان باوجود اڄ به ڪئميرا سامهون گهٻرائي ويندي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔