اليڪشن ڪميشن سموري ملڪ جي ڪئنٽونمينٽ علائقن ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سموري ملڪ جي ڪئنٽونمينٽ علائقن ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو، 42 ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ 12 سيپٽمبر تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري، نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 31 جولاءِ تائين 3 آگسٽ تائين ڪئي ويندي، حتمي فهرست 13 آگسٽ تي جاري ٿيندي، اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن جي موقعي تي ڪئنٽونمينٽ علائقن ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي، وزراعظم، گورنرز، وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي ڪئنٽونمينٽ علائقن ۾ داخلا تي پابندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔