والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ: وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل وادي ۾ قابض فوج جي فائرنگ سبب وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج والاريل وادي ۾ رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائين دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. قابض فوج ضلعي ڪلگام ۽ ڪپواڙه ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پامال ڪندي گهرن ۾ گهڙي فائرنگ ڪندي نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔