اعتراف ڪريان ٿو منهنجي غلطي سبب پاڪستان جي بدنامي ٿي: عمر اڪمل

لاهور: پاڪستاني رانديگر عمر اڪمل چيو آهي ته اعتراف ڪريان ٿو ته منهنجي غلطي سبب پاڪستان جي بدنامي ٿي ۽ فڪسنگ جي آڇ جي باري ۾ وقت تي نه ٻڌائڻ تي مون کي 12 مهينن جي پابندي کي منهن ڏيڻو پوندو.رانديگر عمر اڪمل وڊيو ۾ اعتراف ڪيو آهي ته گذريل سال مون کان غلطي ٿي جنهن سبب منهنجي ڪيريئر ۽ ڪرڪيٽ کي نقصان ٿيو ڪجهه ماڻهن مون سان رابطو ڪيو پر مون وقت تي پي سي بي ۽ اينٽي ڪرپشن کي نه ٻڌايو. عمر اڪمل چيو ته فڪسنگ جي آڇ جي باري ۾ وقت تي نه ٻڌائڻ تي مون کي 12 مهينن جي پابندي کي منهن ڏيڻو پيو.اعتراف ڪريان ٿو ته منهنجي غلطي جي ڪري ملڪ جي بدنامي ٿي. مان پنهنجي گهر ڀاتين، پي سي بي ۽ سموري دنيا ۾ موجود ڪرڪيٽ جي مداحن کان معافي گهران ٿو. عمر اڪمل چيو ته رانديگرن کي درخواست ڪريان ٿو ته اوهان ملڪ ۽ راندين جا سفير آهيو، ڪنهن به شڪي سرگرمي کان پري رهو جيڪڏهن ڪوبه شڪي ماڻهو اوهان سان رابطو ڪري ته فوري طور تي پي سي بي ۽ اينٽي ڪرپشن يونٽ کي آگاهه ڪريو ته جيئن اوهان جو ڪرڪيٽ جو ڪيريئر پاڪ رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔