واٽس ايپ صارفين جي سهولت لاءِ نئين تبديلي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

لنڊن: (خميس 08 جولاءِ 2021ع) پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ عالمي شهرت ماڻيندڙ ايپلي ڪيشن واٽس ايپ صارفين جي سهولت لاءِ گذريل ڪجهه مهينن دوران ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا آهن پر هاڻ ڪمپني جلد ئي صارفين لاءِ هڪ وڌيڪ تبديلي ڪندي جنهن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.واٽس ايپ جي مختلف اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ ويب سائٽ ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب ڪمپني اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس صارفين جي لاءِ يو آر ايل لنڪ پري ويو وڏو ۽ واضح ڏيکارڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. يعني ڪنهن به ويب سائٽ کان جيڪڏهن واٽس ايپ تي لنڪ پيسٽ ڪندو ته ان جي تصوير وڏي هوندي ته جيئن اوهان کي خبر پئجي سگهي ته اماڻيندڙ ڪنهن حوالي سان لنڪ اماڻيو آهي.ويب بيٽا انفو موجب جيڪڏهن ڪنهن ويب سائٽ جي لنڪ جي ريزولوشن سٺي ناهي هوندي ته ان لنڪ سان گڏ اوهان کي ان جو تهمب نظر ايندو. مذڪوره تبديلي ڪڏهن ٿيندي ان جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔