نواز شريف جي سياست ختم ٿيڻ جون ڳالھيون ڪندڙ اڄ به ھُن کان ڊڄن ٿا: مريم نواز

ڪراچي: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ انٽري، ڇَتر ڪلاس ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران مريم نواز چيو آهي ته نواز ليگ جا ورڪرز اليڪشن چوري جي معاملي کي سمجهي ويا آهن، دٻاءُ ۽ ووٽ چوري جي ڪوششن باوجود نواز ليگ پهاڙ جيان بيٺل آهي، نواز شريف جي سياست ختم ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ به کائنس ڊڄن ٿا، سندن تقرير شروع ۽ ختم نواز شريف تي ٿئي ٿي، ڀارتي وزيراعظم نواز شريف جي گهر تائين آيا، ووٽ چوري وزيراعظم جي دوري ۾ ڀارت کي ايتري همت ٿي جو ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي، ووٽ چور وزيراعظم 2 منٽن جي خاموشي اڃا تائين اختيار ڪيو ويٺو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔