مافياز پاليسيز تبديل ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجي فائدي لاءِ فيصلا ڪنديون آهن:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ماحول دوست اليڪٽرڪ بائيڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ مافياز پاليسيز تبديل ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجي فائدي لاءِ فيصلا ڪنديون آهن، اليڪشن بدران مستقبل جي سوچ رکندڙ ملڪ ترقي ڪندا آهن، اسان کي سوچ تبديل ڪري ملڪ لاءِ نئون روڊ ميپ ڏيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن آبادي جي پکيڙ ۽ ٻين مسئلن کي روڪي سگهجي، لاهور جيان ڪراچي ۾ به گدلاڻ خطرناڪ حد تي پهچي چڪي آهي، سڄو نيڪال سمنڊ ۾ وڃي ٿو، اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ بسز آڻينداسين ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ کان بچي سگهجي، ملڪي معيشت هاڻي ترقي ڪري رهي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن سال 26 ارب ڊالرز جي ايڪسپورٽ ٿي آهي، اسان اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ته آءِ ايم ايف ڏانهن نه وڃڻو پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔