لنڊن هاءِ ڪورٽ پاڪستان کي ريڪوڊڪ ڪيس ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جا الزام لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو

لنڊن : لنڊن هاءِ ڪورٽ پاڪستان کي ريڪوڊڪ ڪيس ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جا الزام لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو، آسٽريلين فرم ٽَيـَٿان کي جُزوي ايوارڊ ڏيڻ خلاف پاڪستان طرفان داخل درخواست تي فيصلو جاري، 98 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ لنڊن هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ريڪوڊڪ ڪيس ۾ پاڪستاني سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪرپشن جو ذڪر به نه هو، سپريم ڪورٽ معاهدي کي غلط قرار ڏيندي بدعنواني يا ڪرپشن جو حوالو نه ڏنو هو، فيصلي موجب بلوچستان حڪومت وٽ ڪرپشن جا نوان ثبوت آهن ته آءِ سي سي سان رابطو ڪري، عالمي بئنڪ جي انٽرنيشنل سينٽر فار سيٽلمينٽ آف انويسٽمينٽ ڊِسپيُوٽس طرفان ريڪوڊڪ هرجاڻو ڪيس ۾ پاڪستان تي 6 ارب ڊالرز جو ڏنڊ لڳايو ويو هو، پاڪستان اِڪسڊ جي فيصلي کي لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔