سنڌ ۾ نائين درجي جَي امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم متل

ڪراچي : سنڌ ۾ نائين درجي جَي امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم متل آھي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد لاڙڪاڻو ۽ سکر بورڊز تحت پرچو سينٽرز تي پهچڻ کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، شاگرد موبائيل فونز ذريعي ڪاپي ڪندا رهيا، تعليم کاتي نوٽيس وٺڻ جي به زحمت نه ڪئي، ڏھين بعد سائنس گروپ جي نائين ڪلاس جو پھريون پرچو بھ امتحان وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، ڪراچي ۾ ٿيندڙ سائنس گروپ نائين ڪلاس جو رياضي جو پرچو امتحاني وقت کان 15 منٽ اڳ آئوٽ ٿي ويو، نائين ڪلاس جو رياضي جو پرچو ساڍي 9 وڳي شروع ٿيڻو ھو، سوا 9 وڳي رياضي جو پرچو سوشل ميڊيا تي آئوٽ ٿي ويو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔