سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ حڪومت پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت بجيٽ 22-2021 ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هو، ان حوالي سان ناڻي کاتي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ايڊهاڪ رليف الائونس جولاءِ جي پگهار کان لاڳو ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب ٻاهرين ملڪ موڪلن تي ويل يا مقرر ملازمن کي 20 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس نه ڏنو ويندو.
گريڊ هڪ کان 5 جي صوبائي ملازمن لاءِ پرسنل الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب گريڊ هڪ جي ملازمن کي 1900 رپيا، گريڊ 2 جي ملازمن کي 1500، 3 جي ملازمن کي 900، جڏهن ته گريڊ 4 ۽ 5 ملازمن کي 250 رپيا ماهوار الائونس ڏنو ويندو آهي، پرسنل الائونس 25 هزار کان گهٽ ماهوار اجرت وارن ملازمن تي لاڳو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔