افغان طالبان ملڪ جي وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو

ڪابل : افغانستان ۾ طالبان ۽ افغان فورسز ۾ ويڙهه شدت اختيار ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان گذريل 24 ڪلاڪن دروان افغانستان جي وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت تائين افغانستان جي گادي جي هنڌ ڪابل ۽ 34 صوبائي حڪومتن کانسواءِ ٽوٽل 372 ضلعن منجهان 110 تي طالبان پاران قبضو ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن افغانستان جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ 224 طالبان مارجي ويا آهن.
ٻئي پاسي آمريڪي فوج جي نيڪالي کانپوءِ افغان شهري مايوسي جو شڪار آهن، افغان فوج طالبان جو مقابلو ته ڪري رهي آهي پر ڪابل ۾ عام ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته طالبان ڪابل کان لڳ ڀڳ چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي لغمان جي علائقي ۾ موجود آهن.
واضح رهي ته آمريڪي فوج جي نيڪالي پڄاڻي جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ عالمي برادري طرفان طالبان جي افغانستان ۾ ڪارروائين تي ڪو خاطر خواهه رد عمل به ظاهر نه ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔