ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 23 ڄڻا فوت، 735 نوان ڪيس ظاھر

اسلام آباد : ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وبا ڪورونا وائرس وڌيڪ 23 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، اين سي او سي جو چوڻ آهي ملڪ ۾ وبا وگهي فوتين جو مجموعي انگ 22 هزار 254 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوورنا جون 41 هزار 133 ٽيسٽ ڪيون ويون جن مان 735 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي ڪيسز جو تعداد 9 لک 56 هزار 392 تائين پهچي ويو، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح هڪ ڏهائي 78 سيڪڙو رهي، هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 784 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ وڌي 9 لک هڪ هزار 85 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔