سڄي سنڌ ۾ 9 جولاءِ تائين سي اين جي اسٽيشنز بند

ڪراچي: سڄي سنڌ ۾ 9 جولاءِ تائين سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيا ويا آهن، سئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي ) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 9 جولاءِ تائين سي اين سي اسٽيشنز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي سي اين سي ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 22 جون کان سي اين جي اسٽيشنز بند آهن، گئس اسٽيشنز سڀاڻي 8 وڳي کلڻا هئا جيڪي شايد نه کلي سگهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم جي خاص معاون تابش گوهر پنهنجي هڪ ٽي وي تي انٽرويو ۾ چيو هو ته 29 جون کان 5 جولاءِ تائين گيس جي پيداوار ۾ عارضي طور ڪمي ايندي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ هن حوالي سان اپوزيشن جماعتن طرفان ڳڻتي جو اظهار به ڪيو ويو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔