ڪوٽڙي: ليڊي پوليس اهلڪار زيادتي ڪيس:جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ليڊي پوليس اهلڪار سان مبينا زيادتي جون وڊيوز رڪارڊ ڪري کيس بليڪ ميل ڪرڻ وارو معاملو، ڄامشورو جي عدالت ليڊي پوليس اهلڪار انيلا ٿيٻو جي فرياد تي الزام هيٺ آيل نوجوان احسان جتوئي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم، عدالت ۾ ڊي ايس پي ايڊمن فاروق احمد لاکير، جاچ آفيسر ڊي ايس پي اعجاز احمد غوري، ايس ايڇ او ڪوٽڙي سيف الرحمان سهتو ۽ ٻين بيان رڪايڊ ڪرايا، ڌرين جي بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد عدالت پاران جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري هڪ بجي تائين عدالت رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪوٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجه ڏينهن پهريان ليڊي پوليس اهلڪار انيلا ٿيٻو سان مبينا زيادتي بعد ويڊيو ڀري کيس بليڪ ميل ڪرڻ بعد ليڊي اهلڪار خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ جوابدار مٿان ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف انيلا ٿيٻو پنهنجي وڪيلن معرفت عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اورنگزيب عالمگير قاضي جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جج ٻنهي درين جا بيان ٻڌڻ بعد ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔