اهليت ثابت ڪريو: سنڌ اطلاعات کاتي پاران 38 انفارميشن آفيسرن جون پگھارون روڪڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ حڪومت جي اطلاعات واري کاتي پنهنجي 38 انفارميشن آفيسرن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ انفارميشن کاتي جي سيڪشن آفيسر (بجيٽ ايند فنانس) پاران اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ڪراچي کي هڪ خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 38 انفارميشن آفيسرن جون پگهارون ۽ الائونسز تيستائين روڪيا وڃن جيستائين هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت پنهنجي اهليت ثابت نه ڪن. گريڊ 17هين جي جن انفارميشن آفيسرن جون پگهارون ۽ الائونس روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن ۾ عبدالقيوم سولنگي، امان الله چنا، ڪامران احمد ڦلپوٽو، شڪيل احمد، علاب علي، عباس علي شاهه، رحيم بخش بروهي، شير محمد جمالي، صابر رشيد، سيف الله بيهڻ، عرفان علي پٺاڻ، ڪينجهر فياض عباسي، سرفراز سمون، امداد علي مهر، جاويد حسين مهر، معراج احمد سامٽيو، آصف علي ڏيرو، زبير ميمڻ، شعيب احمد جمالي، نواز علي عرف دانش ميمڻ، غلام مصطفيٰ شاهه، غلام رضا ڀٽي، عبدالوهاب ڏهر، علي مراد پتافي، ذوالفقار علي شورو، جان محمد، عرفان علي جوڻيجو، ذيشان علي لغاري، لياقت علي جمالي، حنا حميد ميمڻ، شبير علي، سبين فاروقي، محسن حسن، شرمين شافق خان، علي احمد، حسن لطيف، عدنان خان جاگيراڻي ۽ ڪاشف علي مگسي شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 2012ع ۾ انهن انفارميشن آفيسرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ ئي ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ قائدن قانونن کان هٽي کين ماس ڪميونڪيشن جي ڊگري کان به آجو قرار ڏنو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن مان اڪثر انفارميشن آفيسر پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ بااثر ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ پارٽي اڳواڻن جا مٽ مائٽ آهن. سندن ڀرتين خلاف ماس ڪميونڪيشن جي هڪ شاگرد ڪوثر نور سولنگي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سان رجوع ڪيو هو ۽ پنهنجي پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته انفارميشن آفيسر جي ڀرتي ماس ڪميونڪيشن جي ڊگري تحت ٿيڻي آهي پر ان جي باوجود 2012ع ۾ سنڌ حڪومت قاعدن ۽ قانونن کان هٽي مختلف ٻيون ڊگريون رکندڙ من پسند ماڻهن کي انفارميشن آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري اهي ڀرتيون رد ڪيون وڃن. عدالت ۾ اهو ڪيس اڃا تائين ٻڌڻي هيٺ آهي. انهن انفارميشن آفيسرن جي ڀرتي خلاف نيب پڻ جاچ ڪري رهي آهي ۽ مختلف وفاقي ادارن پاران مبينا طور جاچ جو دائرو وسيع ڪرڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي انفارميشن کاتي مجبورن سندن پگهارون ۽ الائونس روڪڻ جو ليٽر جاري ڪيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته ڪجهه انفارميشن آفيسر ٻين کاتن ۾ به ضم ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن انفارميشن آفيسرن جي ڀرتي لاءِ هڪ محدود سرڪيوليشن رکندڙ اخبارن کي اشتهار جاري ڪيا ويا جن ۾ ابتدائي طور ڀرتي لاءِ ماس ڪميونڪيشن جي ڊگري جو شرط رکيو ويو هو پر بعد ۾ مبينا طور ٻيو اشتهار جاري ڪري اهو شرط واپس به ورتو ويو هو. ڄاڻايل آفيسرن جون پگهارون ۽ الائونس رڪڻ کانپوءِ انهن آفيسرن ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔