مهراڻ يونيورسٽي جا استاد، آفيسر ۽ ملازم وائيس چانسلر جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويا

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن پاران سنڌ جي وڏي وزير کي لکيل خط واري معاملي ۾ مهراڻ يونيورسٽي جا استاد، آفيسر ۽ ملازم وائيس چانسلر جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويا. ٽنهي اسثيڪ هولڊرن جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم عقيلي تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ڪرار ڏئي ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر اسلم عقيلي جي دور ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ترقي ڪئي آهي، چند ملازمن پاران وائيس چانسلر جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، خط ۾ جيڪي نالا لکيل آهن، اهي سڀ سزا يافته ملازم آهن، ڪجهه ڪورٽن ۾ شنوائيون ڪاٽي رهيا آهن، ته ڪجهه جاچ هيٺ آهن، انهن مان ڪجھه ته اسان جا ملازم ئي ناهن. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيو هو جنهن ۾ انهن مهراڻ يونيورسٽي وائيس چانسلر تي الزام لڳايا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔